“پٽرول مهانگو، پاڻ به غير ضروري گاڏي هلائڻ کان پاسو ڪري رهي آهي” – شرميلا فاروقي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) – قومي اسيمبلي جي رڪڻ شرميلا فاروقي پٽروليم جي شين جي وڌندڙ قيمتن تي اظهار ڪندي چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ خطي جو سڀ کان مهانگو پٽرول وڪامي رهيو آهي. هن چيو ته پاڻ به غير ضروري طور گاڏي هلائڻ کان پاسو ڪري رهي آهي.

شرميلا فاروقي چيو ته پٽروليم جون قيمتون وڌڻ سبب مسئلا پيچيده ٿي ويا آهن ۽ هر شيءِ جي قيمت وڌي وئي آهي. ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان رڪڻ وارو نه آهي، ننڍي گاڏي رکڻ وارو عام ماڻهو به هاڻي پٽرول وٺڻ کان قاصر آهي.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻي چيو ته عوام کي هڪ مهيني جو عارضي رليف ڏيڻ يا مارڪيٽ ۽ دڪان جلدي بند ڪرڻ جا فيصلا دائمي حل نه آهن.

هن حيرت جو اظهار ڪيو ته 24 ڪلاڪن ۾ پٽرول 80 روپيا سستو ڪرڻ جو فيصلو ڪيئن ٿي ويو ۽ چيو، “حڪومت ٻڌائي ته پٽرول مهانگو ڪرڻ صحيح هو يا 80 روپيا سستو ڪرڻ؟”

شرميلا فاروقي زور ڏنو ته هاڻي عام ماڻهو سڌو رليف گهري ٿو ۽ حڪومت کي گهرجي ته آئل ڪمپنين سان ڳالهه ڪري انهن جو ڪميشن گهٽايو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو