مشرقِ وسطیٰ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ Israel پڻ ٻن هفتن جي جنگ بندي قبول ڪندي ايران تي حملا عارضي طور بند ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي۔
وائٽ هائوس جي سينيئر عملدارن ۽ اسرائيلي وزيراعظم Benjamin Netanyahu جي آفيس هن فيصلي جي تصديق ڪئي آهي۔ سرڪاري بيان موجب اسرائيل آمريڪي صدر Donald Trump جي ان فيصلي جي حمايت ڪري ٿو جنهن تحت ايران تي حملا عارضي طور روڪيا ويا آهن۔
بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر ٽرمپ ايران جي جوهري پروگرام، ميزائل ٽيڪنالاجي ۽ علائقي ۾ خطري کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، ۽ اسرائيل انهن قدمن جو حامي آهي۔
اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس واضح ڪيو آهي ته هي جنگ بندي “مشروط” آهي۔ شرط مطابق Iran کي آبنائے هرمز عالمي واپار ۽ تيل جي فراهمي لاءِ کولڻي پوندي، ۽ علائقي ۾ سڀئي هٿياربند ڪارروايون بند ڪرڻيون پونديون۔
وائٽ هائوس جي عملدار موجب آمريڪا اسرائيل کي يقين ڏياريو آهي ته ٻن هفتن جي ڳالهين دوران ايران جي جوهري ۽ ميزائل صلاحيتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مڪمل ڪوشش ڪئي ويندي۔
سفارتي ماهرن جو چوڻ آهي ته اسرائيل طرفان حملا بند ڪرڻ سان ظاهر ٿئي ٿو ته علائقو هاڻي وڏي جنگ بدران ڳالهين جي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي۔ تنهن هوندي به اسرائيل واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڳالهيون ناڪام ٿيون ته هو ٻيهر ڪارروائي ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿو۔
