اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اهم ڳالهيون 10 اپريل تي اسلام آباد ۾ ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔
ايراني سپريم سيڪيورٽي ڪائونسل موجب آمريڪا کي پاڪستان جي ذريعي ڏهه نڪتن تي ٻڌل تجويزون موڪليون ويون آهن، ۽ مجوزه ڳالهين دوران حتمي جنگ بندي تي خيال ونڊيا ويندا۔
آمريڪي ٽي وي CNN پڻ رپورٽ ڪيو آهي ته ٽرمپ انتظاميا اسلام آباد ۾ ايراني عملدارن سان ڳالهين جي تياري ڪري رهي آهي۔ رپورٽ موجب آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس سميت اهم نمائندا ڳالهين ۾ شرڪت ڪري سگهن ٿا۔
ذريعن مطابق پاڪستاني نمائندا به ڳالهين ۾ شامل هوندا، جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڊيڊ لائن ۾ ٻن هفتن جي واڌ جو اعلان ڪيو آهي۔
ايراني اختيارين موجب ڳالهين ۾ پابنديون ختم ڪرڻ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ منجمد ايراني اثاثن جي بحالي به اهم نڪتا آهن۔
