سيلفي جو جنون جان ليوا، آبشار ۾ ٻڏي 3 ڇوڪريون فوت

آندھرا پردیش: ڀارت جي رياست آندھرا پرديش جي ضلعي الوري سيتا رام راجو ۾ هڪ ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو، جتي سيلفي ۽ وڊيو ٺاهڻ دوران ٽي ڇوڪريون فوت ٿي ويون۔ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب چار سهيليون — تريشا (17)، رتنا ڪماري (16)، پويترا (16) ۽ انجلي — موڪلن دوران ڳوٺ آيل هيون ۽ ويجهي آبشار تي گهمڻ لاءِ ويون۔ اهي آبشار جي ڪناري تي سيلفيون ۽ وڊيوز ٺاهي رهيون هيون ته اوچتو هڪ ڇوڪري پير ترڪڻ سبب گہرے پاڻي ۾ ڪري پئي۔هن کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ باقي سهيليون به هڪ ٻئي پٺيان پاڻي ۾ ڪري پيون۔ مقامي ماڻهن فوري ريسڪيو ڪندي ٽن ڇوڪرين کي ٻاهر ڪڍيو، پر هوءَ بچي نه سگهيون۔رپورٽن موجب تريشا، رتنا ڪماري ۽ پويترا ٻڏي فوت ٿي ويون، جڏهن ته انجلي زخمي حالت ۾ بچي وئي۔

پنھنجي راءِ لکو