ڪراچي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم زينبيون جي انتهائي مطلوب ٽارگيٽ ڪلر فرحان کي يونيورسٽي روڊ تان گرفتار ڪيو ويو آهي۔تفصيل موجب ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ ۽ هڪ حساس اداري گڏيل انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروائي ڪندي جوابدار کي حراست ۾ ورتو۔ اختيارين موجب گرفتار دهشتگرد شهر ۾ فرقيواراڻي ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث رهيو آهي۔سي ٽي ڊي موجب جوابدار جاچ دوران اعتراف ڪيو آهي ته هن 2023 ۾ 12 ربيع الاول جي موقعي تي فيڊرل بي ايريا بلاڪ 20 ۾ امام مسجد قیصر فاروق کي نشانو بڻايو هو، جنهن دوران هڪ معصوم ٻار پڻ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو هو۔
