اسلام آباد مذاکرات عالمِ اسلام لاءِ فخر جو لمحون: شهباز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف قوم سان خطاب ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهيون نه رڳو پاڪستان پر پوري عالمِ اسلام لاءِ فخر جو لمحون آهن، ۽ هاڻي خليج ۾ جنگ نه پر امن جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن۔

هن چيو ته سندس تجويز تي آمريڪا ۽ ايران عارضي جنگ بندي تي راضي ٿيا، ۽ هاڻي پاڪستان جي خلوص ڀري دعوت تي ٻنهي ملڪن جي قيادت اسلام آباد پهچي چڪي آهي۔

وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ جنگ بندي جي ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير کي خراج تحسين پيش ڪيو۔ هن چيو ته جنگ جا شعلہ وسائڻ ۾ فيلڊ مارشل جون خدمتون تاريخ هميشه سنهري لفظن ۾ ياد رکندي۔

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي امن لاءِ عالمي حمايت حاصل آهي ۽ آخرڪار فتح امن ۽ انسانيت جي ٿيندي۔ هن چيو ته هن نازڪ صورتحال ۾ پاڪستاني قيادت وڏي اعتماد سان ٻنهي ڌرين کي عارضي جنگ بندي تي راضي ڪيو، جيڪي اڳ جنگ ۾ آمهون سامهون هئا، هاڻي ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ تي راضي ٿي ويا آهن۔

واضح رهي ته ايراني وفد محمد باقر قاليباف جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد پهچي چڪو آهي، جنهن ۾ پرڏيهي وزير عباس عراقچي به شامل آهن، جڏهن ته آمريڪي وفد جي ڊي وينس جي اڳواڻي ۾ پهچڻ وارو آهي۔

هوڏانهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيريش به اسلام آباد ڳالهين بابت اميد ظاهر ڪئي آهي۔ هن چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران کي تڪرار گهٽائڻ ۽ دشمني ختم ڪرڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪيو آهي، ۽ ٻنهي ملڪن کي هن موقعي مان فائدو وٺڻ گهرجي۔ گڏيل قومن جا نمائندا پڻ سفارتي ڪوششن جي حمايت لاءِ علائقي ۾ موجود آهن۔

پنھنجي راءِ لکو