اسلام آباد ٽاڪس: وزيراعظم شہباز شريف ۽ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي اهم ملاقات، علائقي ۾ امن تي ڳالهيون

پاڪستان جي وزيراعظم شہباز شریف سان آمريڪي نائب صدر جے ڈی وینس اهم ملاقات ڪئي، جنهن دوران “اسلام آباد ٽاڪس” سميت علائقائي امن ۽ سلامتي جي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون۔

وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ آمريڪا جي خاص ايلچي اسٹیو وٹکوف ۽ جیرڈ کشنر پڻ موجود هئا، جڏهن ته پاڪستان طرفان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڈار ۽ وفاقي وزير داخلا محسن نقوی پڻ شرڪت ڪئي۔

ملاقات دوران علائقي ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل سهڪار وڌائڻ جي امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔

وزيراعظم شہباز شريف تعميري انداز ۾ ڳالهين جي عزم کي ساراهيندي چيو ته اميد آهي ته هي ڳالهه ٻولهه علائقي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندي۔ هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ دائمي امن لاءِ پنهنجي مثبت ڪردار جاري رکڻ ۽ سهولتڪاري ڪرڻ جو خواهشمند آهي۔

پنھنجي راءِ لکو