اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وفاقي راڄڌاني اسلام آباد اڄ عالمي سفارتڪاري جو مرڪز بڻجي ويو آهي، جتي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ انتهائي اهم سڌي ڳالهين جو آغاز ٿيڻ وارو آهي۔ اهي ڳالهيون خطي ۾ جاري تڪرار کي ختم ڪرڻ ۽ جنگ بندي کي مضبوط بڻائڻ جي وڏي ڪوشش طور ڏٺيون پيون وڃن۔
تفصيل موجب آمريڪي وفد جي اڳواڻي نائب صدر جي ڊي وينس ڪري رهيو آهي، جيڪو اسلام آباد پهچي چڪو آهي، جڏهن ته ايراني وفد جي اڳواڻي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف وٽ آهي، جيڪو اڳ ئي پاڪستان پهچي چڪو آهي۔
آمريڪي وفد ۾ خاص نمائندو اسٽيو وٽڪوف ۽ جيريڊ ڪشنر به شامل آهن، جڏهن ته اميد آهي ته چين، روس ۽ خليجي ملڪن جا نمائندا به مبصر طور شرڪت ڪندا، جنهن سان انهن ڳالهين جي عالمي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي۔
اهي اهم ڳالهيون وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي ٿي رهيون آهن، جن کي پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري جو نتيجو قرار ڏنو پيو وڃي۔ ڳالهين جو بنيادي مقصد آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تڪرار گهٽائڻ ۽ مستقل جنگ بندي کي يقيني بڻائڻ آهي۔
ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سيڪيورٽي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو آهي۔ اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي کي انتهائي سخت ڪيو ويو آهي، ريڊ زون کي غير لاڳاپيل ماڻهن لاءِ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گهرو وزارت ۾ خاص ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو آهي۔
حڪومت طرفان پرڏيهي وفدن ۽ عالمي ميڊيا لاءِ خاص سهولتون پڻ فراهم ڪيون ويون آهن۔ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار موجب سڀني مهمانن کي آمد تي ويزا جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته ايئرپورٽن تي رهنمائي لاءِ خاص ڊيسڪ پڻ قائم ڪيا ويا آهن۔
گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ اهڙين اهم عالمي ڳالهين جو انعقاد پاڪستان لاءِ وڏو اعزاز آهي ۽ اهو ملڪ جي مثبت عالمي ڪردار جي عڪاسي ڪري ٿو۔
