راڻيپور ڀرسان حضرت سچل سرمستؒ جي درازہ شريف ويجهو ڳوٺ وريو واھڻ ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ علائقو هڪ ڀيرو ٻيهر بدامني جو شڪار ٿي ويو آهي۔
ذريعن موجب تيز فائرنگ جي نتيجي ۾ سائين داد جوڻيجو، لعل خان جوڻيجو، 18 ورهين جو پيارو سرڪي، نومان علي سرڪي ۽ هڪ عورت سميت 5 ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن۔
زخمين کي فوري طور راڻيپور ۽ گمبٽ جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي۔
واقعي کان پوءِ پوليس واقعي واري هنڌ ڏانهن رواني ٿي وئي آهي، جڏهن ته علائقي ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري هجڻ سبب سخت خوف ۽ هراس پکڙيل آهي۔
