اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل سيز فائر معاهدي کي برقرار رکڻ انتهائي ضروري آهي ته جيئن خطي ۾ امن قائم رهي سگهي۔
ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي درخواست تي مثبت ردعمل ڏيڻ ۽ وزيراعظم جي سيز فائر اپيل تي عمل ڪرڻ تي هو آمريڪا ۽ ايران جا ٿورائتا آهن۔
هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن کان جاري رهندڙ ڳالهيون اڄ صبح مڪمل ٿي ويون آهن، ۽ پاڪستان طرفان ٻنهي ملڪن جي وفدن کي اسلام آباد اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ويو۔
اسحاق ڊار اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا ۽ ايران مثبت سوچ سان اڳتي وڌندا ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ سنجيده قدم کڻندا۔
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ايندڙ ڏينهن ۾ به پنهنجي سفارتي ڪوششن کي جاري رکندو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطا بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو۔
