اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل ڳالهين دوران ڪجهه معاملن تي اتفاق ٿي ويو هو، پر ٻن کان ٽن اهم مسئلن سبب مڪمل ڊيل نه ٿي سگهي۔
هن چيو ته هي ڳالهين جو دور گذريل هڪ سال ۾ سڀ کان ڊگهو هو، جيڪو 24 کان 25 ڪلاڪن تائين جاري رهيو۔
اسماعيل بقائي موجب ٻنهي ڌرين ڪيترن ئي معاملن تي مفاهمت حاصل ڪئي، پر اهم اختلافن جي ڪري مڪمل معاهدو ممڪن نه ٿي سگهيو، جڏهن ته ڪجهه ٻين معاملن تي به اختلاف برقرار آهن۔
ترجمان وڌيڪ چيو ته سفارتڪاري ڪڏهن به ختم نٿي ٿئي، اها قومي مفادن جي تحفظ جو اهم ذريعو آهي، ۽ اهو سمجهڻ غلط هوندو ته هڪ ئي نشست ۾ مڪمل معاهدو ٿي سگهي ٿو۔
هن اهو به چيو ته ايران خطي ۾ پاڪستان سميت دوست ملڪن سان رابطي ۾ رهندو ۽ پاڪستان جي حڪومت، عوام ۽ وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃي ٿو۔
