ڊيره اسماعيل خان: زهريلو حلوو کائڻ سبب 3 ڄڻا فوت، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي

ڊيره اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ): تعلقي درازنده ۾ زهريلو حلوو کائڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا۔

پوليس موجب متاثر خاندان جابلو علائقي ۾ مزدوري ڪندو هو، جتي هنن جهنگ ۾ رکيل حلوو کاڌو جنهن کان پوءِ سندن حالت خراب ٿي وئي۔

پوليس ٻڌايو ته 2 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته ٽيون نوجوان اسپتال منتقل ڪندي رستي ۾ دم ڏئي ويو۔

فوت ٿي ويل ماڻهن جي سڃاڻپ حاجي جمال خان ڪرميزئي خاندان سان تعلق رکندڙ شيران خان، فتح محمد ۽ نور محمد طور ٿي آهي۔

لاشون پوسٽ مارٽم لاءِ مفتي محمود اسپتال منتقل ڪيون ويون آهن۔

پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪري مختلف رخن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي

پنھنجي راءِ لکو