آمريڪا جي نائب صدر J. D. Vance اسلام آباد ۾ ايران سان اهم ڳالهين ۾ شرڪت ڪرڻ بعد United States واپس پهچي ويا آهن۔
تفصيل موجب J. D. Vance خاص طور تي Iran سان ڳالهين لاءِ Pakistan جو دورو ڪيو، جتي هن ايراني وفد سان لڳاتار 21 ڪلاڪن تائين ڊگهي ڳالهه ٻولهه ڪئي۔سندس جهاز اسلام آباد کان سڌو آمريڪي رياست ميري لينڊ ۾ واقع جوائنٽ بيس اينڊريوز تي لينڊ ڪيو۔وطن واپسي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آمريڪا پنهنجو موقف واضح ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايران کي “بهترين آپشن” پيش ڪيو ويو آهي، اميد آهي ته ڳالهين جا مثبت نتيجا نڪرندا۔هن دوري دوران بهترين مهمان نوازي تي پاڪستان جي وزيراعظم Shehbaz Sharif ۽ آرمي چيف Asim Munir جو خاص شڪريو ادا ڪيو۔جي ڊي وينس چيو ته پاڪستاني قيادت آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اختلاف ختم ڪرائڻ لاءِ “حيرت انگيز ڪم” ڪيو آهي۔هن وڌيڪ چيو ته Pakistan هن حساس معاملي ۾ هڪ بهترين ثالث جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن تي آمريڪي انتظاميه شڪرگذار آهي۔
