آندھرا پرديش ۾ هولناڪ حادثو، تيز رفتار ٽينڪر هيٺان وڪيل چيڀاٽي فوت

Andhra Pradesh ۾ هڪ انتهائي دل ڏاريندڙ حادثو پيش آيو، جتي تيز رفتار آئل ٽينڪر Budhuluri Srinivas Rao کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن سبب هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو۔ڀارتي ميڊيا موجب واقعو اين ٽي آر ضلعي جي ڪيسره ٽول پلازا تي پيش آيو، جتي وڪيل سرينواس راؤ جي ڪار ٽول بوٿ تي بيٺل هئي۔ ان دوران پٺيان ايندڙ سيمنٽ فلائي ايش سان ڀريل ٽينڪر بي قابو ٿي ڪار مٿان الٽي پيو۔حادثو ايترو شديد هو جو ڪار مڪمل طور ٽينڪر هيٺان اچي تباهه ٿي وئي ۽ سرينواس راؤ ڊرائيونگ سيٽ تي ئي دم ڏئي ڇڏيو۔رپورٽن موجب ڊرائيور ٽول پلازا تي لين چونڊڻ دوران الجهي ويو ۽ گاڏي تي ڪنٽرول وڃائي ويٺو۔ تيز رفتاري سبب ٽينڪر پهرين ڊوائيڊر سان ٽڪرائجي پوءِ ڪنڪريٽ جي ٿنڀي سان لڳي اوچتو الٽي ٿي ڪار تي ڪري پيو۔تقريبن 70 کان 80 ٽن وزني ٽينڪر هيٺان ڪار مڪمل طور چڪنا چور ٿي وئي۔حادثي کان پوءِ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو، جتي پهريان ٻه ڪرينون طلب ڪيون ويون، پر ٽينڪر جي ڳري وزن سبب وڌيڪ ٽن ڪرينن کي به سڏيو ويو۔ پنجن ئي ڪرينن جي باوجود ٽينڪر کي کڻڻ ۾ ڏکيائي پيش آئي۔آخرڪار پوليس ٽينڪر کي هڪ پاسي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ جي ڪوششن بعد لاش کي ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو۔پوليس ٽينڪر ڊرائيور Anthony Xavier خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته حفاظتي قدمن طور فائر برگيڊ جون گاڏيون به مقرر ڪيون ويون آهن

پنھنجي راءِ لکو