فيصل آباد ۾ معمولي گهريلو جهڳڙي خوفناڪ رخ اختيار ڪري ورتو، جتي هڪ شخص فائرنگ ڪري پنهنجي زال ۽ ٻن نياڻين کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويو۔تفصيل موجب ٿاڻو کھرڙيانوالي جي علائقي علي گارڊن ۾ هڪ خوشحال گهر اجڙي ويو، جتي جوابدار جاويد اقبال پنهنجي 37 ورهين جي زال صائمه سان معمولي ڳالهه تان جهڳڙو ٿيڻ بعد ڪاوڙ ۾ اچي پستول سان اندھا ڌند فائرنگ ڪئي۔فائرنگ جي نتيجي ۾ صائمه ۽ سندس ٻه نياڻيون، 17 ورهين جي ام حبيبه ۽ 13 ورهين جي عائشہ صديقه، موقعي تي ئي فوت ٿي ويون۔واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري ۽ فرانزڪ ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي شواهد گڏ ڪيا۔پوليس اختيارين موجب جوابدار ٽيهر قتل جي واردات کان پوءِ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ مختلف ٽيمون جوڙي ڇاپا هنيا پيا وڃن۔مقتولن جا لاش قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن۔
