ملتان ۾ پوليس مقابلو، خطرناڪ ڊڪيت گروهه جو سرغنه سميت 4 جوابدار مارجي ويا

ملتان ۾ ڊڪيتين دوران عورتن سان بدسلوڪي ڪندڙ خطرناڪ ڊڪيت گروهه جا چار ڪارندا سرغنه سميت پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا آهن۔
رپورٽن موجب هي گروهه ڊڪيتين دوران گهرن ۾ گهڙي نه رڳو مال متاع ڦر ڪندو هو، پر عورتن سان زيادتي ۽ تشدد ۾ پڻ ملوث هو۔
28 ڊسمبر 2017 تي پوليس اسٽيشن سيتل ماڙي کي هڪ ڊڪيت جي اطلاع ملي، جنهن ۾ جوابدارن هڪ گهر ۾ گهڙي مڙس ۽ زال کي يرغمال بڻايو۔ ڊڪيتن نقدي، زيور ۽ ٻيو سامان ڦري ورتو، جڏهن ته مڙس کي ٻڌي ڪمري ۾ بند ڪيو ويو ۽ عورت کي تشدد ۽ بيحرمتي جو نشانو بڻايو ويو۔
واقعي کان پوءِ پوليس خفيه اطلاع ۽ مخبرن جي مدد سان جوابدارن جي نگراني شروع ڪئي۔ سادي لباس ۾ اهلڪار مختلف هنڌن تي مقرر ڪيا ويا، جنهن بعد ٽن اهم جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو۔گرفتار ٿيل جوابدارن جاچ دوران ڪيترين ئي سنگين وارداتن جو اعتراف ڪيو ۽ پنهنجن ساٿين جا نالا به ظاهر ڪيا۔انهيءَ بنياد تي پوليس ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا، پر ڪارروائي دوران جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي جواب ۾ پوليس به فائرنگ ڪئي۔ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار جوابدار مارجي ويا۔پوليس شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو ڏوهن جي روڪٿام لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪن ۽ ڪنهن به مشڪوڪ سرگرمي بابت فوري اطلاع ڏين۔

پنھنجي راءِ لکو