ڪشمور: علي مراد کوسو ۾ فائرنگ، هڪ شخص فوت، پنج ڄڻا زخمي

ڪشمور جي ٿاڻي ڪشمور جي حدن ۾ ڳوٺ علي مراد کوسو ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت ۽ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ عبدالرزاق کوسو طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ امام الدين کوسو سميت ٻيا ماڻهو شامل آهن. زخمين کي ڳڻتي واري حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پنھنجي راءِ لکو