اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو خبردار: ايران سان جنگبندي جلد ختم ٿيڻ جو امڪان

يروشلم: اسرائيل جي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو خبردار ڪيو آهي ته ايران سان جاري جنگبندي تمام جلد ختم ٿي سگهي ٿي، خاص طور تي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ناڪام ڳالهين کان پوءِ صورتحال وڌيڪ تڪراري ٿي سگهي ٿي۔عرب خبر ايجنسي موجب ڪابينا اجلاس دوران خطاب ڪندي نيتن ياهو چيو ته اسرائيل ايران جي بندرگاهن تي آمريڪي ناڪابندي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو۔هن ٻڌايو ته سندس آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن دوران ايران جي جوهري پروگرام خلاف سخت قدم کڻڻ تي زور ڏنو ويو۔ هن چيو ته اهم مقصد ايران مان افزودہ جوهري مواد ختم ڪرڻ ۽ يورينيم جي افزودگي روڪڻ آهي۔نيتن ياهو چيو ته اهو معاملو اسرائيل جي سلامتي لاءِ انتهائي اهم آهي۔ هن دعويٰ ڪئي ته جنگبندي تحت آمريڪا ۽ اسرائيل حملا بند ڪندا جڏهن ته ايران تيل جي فراهمي جا رستا ٻيهر کوليندو۔اهي بيان اهڙي وقت سامهون آيا آهن جڏهن اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون ڪنهن به معاهدي کانسواءِ ختم ٿي ويون۔

پنھنجي راءِ لکو