اسلام آباد: آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور هن هفتي اسلام آباد ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن لاءِ تياريون تيز ڪيون ويون آهن۔
تفصيلن موجب پاڪستان وچ اوڀر جي تڪرار جو مستقل حل ڳولڻ لاءِ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي ٻئي دور جي ميزباني جي آڇ ڪئي آهي۔
ذريعن موجب پاڪستان جي ثالثي ۾ ٿيندڙ انهن ڳالهين جون تياريون تيزي سان جاري آهن ۽ امڪان آهي ته ٻيو دور به اسلام آباد ۾ ئي ٿيندو۔ جڏهن ته متبادل طور عمان يا وچ اوڀر جي ڪنهن ٻئي ملڪ تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي۔ذريعن ٻڌايو ته ڳالهين جو ٻيو دور هن هفتي ڪرائڻ جون ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته خبر ايجنسين موجب اهو اهم اجلاس امڪاني طور خميس ڏينهن ٿي سگهي ٿو۔ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطا جاري آهن، ۽ هڪ آمريڪي اهلڪار تصديق ڪئي آهي ته ممڪن معاهدي بابت اهم اڳڀرائي ٿي رهي آهي۔آمريڪي عملدارن موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌي ڳالهه ٻولهه تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڪنهن معاهدي تي پهچي سگهجي۔ٻئي پاسي آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ڳالهين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کي مثبت قرار ڏيندي چيو آهي ته حالتن ۾ نمايان بهتري آئي آهي۔
