ماڑی پور: ماڙي پور جي علائقي ٽرٽل بيچ تي هڪ هٽ ۾ جوا پارٽي تي ڇاپي دوران پوليس تي 46 لک رپين کان وڌيڪ رقم غبن ڪرڻ جو الزام سامهون اچي ويو آهي، جنهن بعد معاملو سنگين ٿي ويو آهي۔ذريعن موجب اي آر وائي نيوز ملزمان کان ٿيندڙ برآمدگينجا تفصيل حاصل ڪيا آهن۔ ڇاپي دوران گرفتار ملزم جاويد وٽان هڪ موبائل فون، گهڙي ۽ هڪ لک 80 هزار رپيا نقد مليا۔ملزم عادل عارف وٽان هڪ موبائل فون، هڪ بيگ جنهن ۾ 30 لک 77 هزار رپيا نقد، 21 تولا سون، لائسنس يافته 9 ايم ايم پستول ۽ هڪ پرس جنهن ۾ 28 هزار رپيا هئا، برآمد ٿيا۔ٻين ملزمان ۾ محمد اقبال وٽان موبائل فون، چاٻي ۽ 25 کان 30 هزار رپيا، محمد طاهر وٽان 49 هزار رپيا، جڏهن ته ڪامران يوسف وٽان 26 هزار 500 رپيا مليا۔ذريعن موجب ثاقب وٽان هڪ لک رپيا، ايياز احمد وٽان 22 کان 23 هزار رپيا، حمزه وٽان 73 هزار رپيا ۽ عرفان وٽان 80 هزار رپيا پڻ برآمد ٿيا۔پر ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته ماڙي پور پوليس ڪيس ۾ رڳو 2 لک 55 هزار 500 رپين جي برآمدگي ظاهر ڪئي آهي، جنهن بعد لکين رپين جي مبينا غبن جو معاملو سامهون اچي ويو آهي۔
واقعي کان پوءِ پوليس تي سنجيده سوال اٿي رهيا آهن ۽ جاچ جو مطالبو زور وٺي رهيو آهي۔
