پنجاب حڪومت سرڪاري ملازمن لاءِ هڪ ٻي اهم سهولت جو اعلان ڪندي نئين هائوسنگ ڪالوني قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهو فيصلو صوبائي وزير راندين فيصل ايوب جي صدارت هيٺ اسپورٽس بورڊ جي اجلاس ۾ ڪيو ويو۔
اجلاس دوران اسپورٽس کاتي جي ملازمن لاءِ رهائشي ڪالوني سان گڏ صوبي جي سڀني ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ سوئمنگ پول ٺاهڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي۔ ان کان علاوه سوئمنگ جي رجسٽريشن فيس اڌ ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو۔
اجلاس ۾ سمورن اسپورٽس ڪمپليڪس جي ڪيمرائن ذريعي نگراني ڪرڻ ۽ جديد ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي۔ جڏهن ته يونيورسٽي آف اسپورٽس سائنسز قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو۔
صوبائي وزير شفافيت ۽ احتساب تي زور ڏيندي چيو ته سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن کي انعام ڏنا ويندا، جڏهن ته خراب ڪارڪردگي تي ڪارروائي ڪئي ويندي۔ سالياني اسپورٽس ڪئلينڊر جي به منظوري ڏني وئي۔
