اچھره ۾ دل ڏکوئيندڙ واقعو، ماءُ جو اعترافي بيان سامهون

اچھره ۾ دل ڏکوئيندڙ واقعو، ماءُ جو اعترافي بيان سامهون

لاهور (ويب ڊيسڪ): لاهور جي علائقي اچھره ۾ ٽن معصوم ٻارن جي قتل جي دل ڏکوئيندڙ واقعي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي گرفتار عورت جو اعترافي بيان ۽ ڪيس جون تفصيلون ظاهر ڪيون ويون آهن.

پوليس موجب واقعي جو ڪيس ٿاڻو اچھره ۾ پوليس جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جڏهن پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته هڪ عورت جي هٿ ۾ رت سان لت پت چاقو موجود هو، جنهن پوليس کي ڏسندي ئي چاقو هيٺ اڇلائي ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته عورت پنهنجي سڃاڻپ ردا فاطمه طور ڪرائي ۽ تصديق ڪئي ته هوءَ مقتول ٻارن جي حقيقي ماءُ آهي.

ڪيس موجب ملزمه ابتدائي جاچ ۾ اعتراف ڪيو ته هوءَ پنهنجي مڙس کان الڳ ٿيڻ چاهي ٿي، پر مڙس ٻارن جي ڪري کيس ڇڏي نه رهيو هو، جنهن سبب هن اهڙو انتهائي قدم کنيو.

پوليس موجب واقعي واري هنڌ تان قتل ۾ استعمال ٿيل اوزار به هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ ٻي عورت شواهد لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي به تحويل ۾ ورتو ويو آهي.

ٽنهي ٻارن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، جن کي تدفين لاءِ آبائي علائقي جھنگ منتقل ڪيو ويو آهي.

ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن ذيشان اصغر چيو آهي ته ملزمه کي مضبوط شواهد سان عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ کيس قانون موجب سخت سزا ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا۔

پنھنجي راءِ لکو