ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ريڊ لائن منصوبي تي ايندڙ 48 ڪلاڪن اندر ڪم ٻيهر شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ريڊ لائن واحد منصوبو آهي جنهن سبب عوام کي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت لاٽ ون ۽ لاٽ ٽو کي ڪيترائي ڀيرا وقت سر ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ خبردار ڪيو هو.
سندس چوڻ هو ته لاٽ ٽو جي ڪارڪردگي بابت شڪايتون هيون ۽ منصوبي تي ڪم صحيح نموني نه ٿي رهيو هو، جنهن ڪري حڪومت ڪانٽريڪٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
شرجيل ميمڻ موجب اهو قدم ايشيائي ترقياتي بينڪ جي مشاورت سان کنيو ويو، جڏهن ته حڪومت ريڊ لائن ڪوريڊور کي جلد مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته 48 ڪلاڪن اندر منصوبي تي ڪم ٻيهر شروع ڪرائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته شاهراهه ڀٽو تي ڪم جي اڳڀرائي اطمينان بخش آهي ۽ ايندڙ مهيني اهو روڊ مڪمل طور عوام لاءِ کوليو ويندو.
