ڪراچي: طارق روڊ تان مشهور سندھي فنڪار طفيل سنجراني جي گاڏي چوري، ڪيس داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ڪراچي جي علائقي طارق روڊ تان ڪار لفٽرز مشهور سندھي فنڪار طفيل سنجراني جي گاڏي چوري ڪري فرار ٿي ويا، جنهن جو ڪيس فيروز آباد ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي۔

تفصيل موجب طفيل سنجراني ٻڌايو ته هن شام 7 وڳي طارق روڊ تي پارڪنگ ۾ پنهنجي گاڏي بيهاري هئي، پر ڪجهه ئي دير بعد واپس اچڻ تي گاڏي موجود نه هئي۔

فنڪار موجب گاڏي ۾ هڪ قيمتي ڪيمرا ۽ ٻيو اهم ذاتي سامان به موجود هو، جيڪو چور کڻي ويا۔

پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا ۽ گاڏي جي بازيابي لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته علائقي ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان ملزمان جو پتو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو