ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ڪراچي جي علائقي گلستانِ جوهر بلاڪ 16 ۾ هڪ بنگلي ۾ ڦر جي واردات شهرين ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪري ڇڏيو آهي۔ اطلاعن موجب ٽي هٿياربند ڦورو گهر ۾ داخل ٿيا ۽ گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي 43 لک رپين کان وڌيڪ روڪ رقم ۽ زيور ڦري فرار ٿي ويا۔
پوليس موجب جوابدار هڪ سلور رنگ جي ڪار ۾ آيا هئا، جڏهن ته سندن چوٿون ساٿي ڪار ۾ ئي موجود رهيو۔ واردات دوران ڦورن ماسڪ پاتل هئا ته جيئن سڃاڻپ نه ٿي سگهي۔ هنن گهر مان قيمتي سامان شاپنگ بيگ ۾ ڀري آساني سان فرار ٿي ويا۔
واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ جوابدارن جي حرڪتن کي ڏسي سگهجي ٿو۔ پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ جوابدارن جي ڳولا جاري آهي۔
شهرين هن واقعي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته شهر ۾ سيڪيورٽي جا اثرائتا قدم کنيا وڃن ته جيئن اهڙين وارداتن تي ضابطو آڻي سگهجي۔
