محمد علي جو چوڻ، صائم ايوب کي فارم ۾ واپسي لاءِ سٺي اننگز جي ضرورت

حيدرآباد: حيدرآباد ڪنگزمين جي نوجوان فاسٽ بالر محمد علي چيو آهي ته صائم ايوب کي پنهنجي فارم ۾ واپسي لاءِ رڳو هڪ سٺي اننگز جي ضرورت آهي۔
ملتان سلطانز خلاف ڪاميابي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد علي چيو ته شروعات ۾ ٽيم جو ڪمبي نيشن ٺاهڻ ۾ وقت لڳو، جنهن سبب شڪستون ٿيون، پر ڪراچي اچڻ کان پوءِ ٽيم شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي۔هن چيو ته لڳاتار چار فتحن کان پوءِ ٽيم پلي آف ڏانهن وڌي رهي آهي، جڏهن ته ٽيم وٽ پاور هٽنگ ڪندڙ بيٽرز موجود آهن۔ ڪپتان مارنس لبوشين اننگز کي سنڀالڻ ۾ ٻين بيٽرز جو بهتر ساٿ ڏئي رهيو آهي۔محمد علي موجب، عثمان خان جي شاندار سينچري کان پوءِ ٽيم فتح جي حقدار هئي، جڏهن ته حسان خان آخري بال تي ڇڪو هڻي ميچ کي ڪاميابي سان ختم ڪيو۔هن وڌيڪ چيو ته ڊريسنگ روم ۾ شڪست جي باوجود هميشه مثبت سوچ رهي آهي، جنهن سبب ڪاميابيون ملي رهيون آهن۔فاسٽ بالر چيو ته گلين ميڪسويل جو تجربو ٽيم لاءِ انتهائي فائديمند آهي، هو نوجوان رانديگرن جي رهنمائي ڪندو رهي ٿو۔واضح رهي ته حيدرآباد ڪنگزمين ملتان سلطانز کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏني، جڏهن ته عثمان خان کي سينچري اسڪور ڪرڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو۔

پنھنجي راءِ لکو