United Arab Emirates پنهنجي پهرين مسافر ٽرين سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت ملڪ جي مختلف شهرن ۽ رياستن کي جديد ريلوي نيٽ ورڪ سان ڳنڍيو ويندو. Etihad Rail پاران جاري ڪيل شيڊول موجب منصوبي جو پهريون مرحلو 30 جون 2026 کان شروع ٿيندو.رپورٽن موجب شروعاتي مرحلي ۾ Abu Dhabi ۽ Fujairah جي وچ ۾ مسافر ٽرين هلائي ويندي، جنهن سان ٻنهي شهرن وچ ۾ سفر جو وقت صرف هڪ ڪلاڪ ۽ 45 منٽ رهجي ويندو. جڏهن ته سڄي ملڪ جي ريلوي نيٽ ورڪ جو باضابطه افتتاح 30 سيپٽمبر 2026 تي ڪيو ويندو.
Sheikh Khaled bin Mohamed bin Zayed Al Nahyan محمد بن زايد سٽي ۾ نئين مسافر ٽرين اسٽيشن جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي کين اسٽيشن جي جديد سهولتن، انفارميشن مينيجمينٽ سسٽم ۽ آپريشنل تيارين بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي.اعلان موجب Dubai ۽ Al Dhaid جا اسٽيشن 30 سيپٽمبر 2026 تي کوليا ويندا، جڏهن ته Al Dhafra وارا اسٽيشن 30 ڊسمبر 2026 کان فعال ٿيندا. منصوبي جو آخري مرحلو 30 مارچ 2027 تي مڪمل ٿيندو، جڏهن ٽرين سروس Sharjah تائين پهچي ويندي.مسافرن لاءِ اسٽيشنن تي ڪيفي، ريسٽورنٽ، ريٽيل آئوٽ ليٽس ۽ عالمي برانڊن جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جڏهن ته ٽرين اندر پڻ کاڌي پيتي جون خدمتون موجود هونديون ته جيئن مسافرن کي آرامده ۽ معياري سفري تجربو ملي سگهي.ٽڪيٽن جي وڪري جو آغاز 23 جون 2026 کان ٿي چڪو آهي. ابوظهبي ۽ فجيره جي وچ ۾ ڪمفرٽ ڪلاس جو ڀاڙو 55 درهم، جڏهن ته پريميم ڪلاس جو ڀاڙو 120 درهم کان شروع ٿيندو. شروعاتي مرحلي ۾ 13 ٽرينون هلنديون ۽ هر ٽرين لڳ ڀڳ 400 مسافر کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکندي.
