ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي فضائي حملي ۾ صحافيه امال خليل شهيد، ٻي زخمي

بيروت: ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي فضائي حملي دوران لبناني صحافيه امال خليل شهيد ٿي ويون، جڏهن ته ٻي خاتون صحافيه زينب فرج سخت زخمي ٿي پئي آهي۔لبناني اختيارين موجب، اربع ڏينهن اسرائيل طرفان ڪيل حملي ۾ امال خليل پنهنجي صحافتي ذميوارين دوران نشانو بڻجي شهيد ٿي ويون۔
اخبار “الاخبار” سان لاڳاپيل امال خليل مارچ کان پوءِ اسرائيلي حملن ۾ مارجي ويندڙ چوٿين ميڊيا ورڪر بڻجي وئي آهي، اهڙي تصديق لبنان جي نيشنل نيوز ايجنسي (اين اين اي) ڪئي آهي۔لبناني سرڪاري ميڊيا ۽ صحت واري وزارت موجب، ٻي صحافيه زينب فرج ان وقت زخمي ٿي جڏهن امدادي ٽيمون ملبو هٽائي امال خليل تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون۔

پنھنجي راءِ لکو