اسلام آباد: بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائيمينٽ سائپرس ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ اهم هدايتون جاري ڪيون آهن، جنهن ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته غير قانوني طريقن سان ٻاهرين ملڪ وڃڻ يا اتي رهائش اختيار ڪرڻ سنگين نتيجا پيدا ڪري سگهي ٿو۔اداري طرفان جاري ڪيل آگاهي ڪارڊ موجب شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو قانوني طريقا اختيار ڪن ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي حفاظت کي يقيني بڻائن۔اعلامي ۾ زور ڏنو ويو آهي ته جعلي يا غير قانوني ذريعن سان سفر ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ صرف مستند ويزا ذريعي ٻاهرين ملڪ وڃڻ کي ترجيح ڏني وڃي۔ سائپرس ۾ موجود پاڪستانين کي به اتي جي قانونن تي مڪمل عمل ڪرڻ جي سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي۔
