سنڌ پوليس شڪايتن لاءِ نئون نظام متعارف، شهري سڌو اعليٰ اختيارين سان رابطو ڪري سگهندا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ پوليس شهرين کي درپيش مسئلن جي فوري حل، شفافيت جي واڌاري ۽ بدعنوان اهلڪارن خلاف شڪايتن جي اندراج لاءِ نئون طريقه ڪار متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

پوليس ترجمان موجب جيڪڏهن ڪنهن شهري جي گاڏي، موٽر سائيڪل يا ٻيو قيمتي سامان چوري ٿي وڃي ۽ لاڳاپيل ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وڃي يا غلط ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ته شهري سڌو پوليس جي اعليٰ اختيارين سان رابطو ڪري سگهن ٿا.

رپورٽ موجب جيڪڏهن ٿاڻي جو ڪو اهلڪار يا آفيسر نامناسب رويو اختيار ڪري يا رشوت طلب ڪري ته متاثر شهري فوري طور آءِ جي پي ڪمپلين سيل ۾ شڪايت داخل ڪرائين.

متاثر شهري 1715 تي ڪال ڪري يا واٽس ايپ نمبر 0314108831 تي به شڪايت درج ڪرائي سگهن ٿا.

ان کان علاوه شهري آءِ جي پي ڪمپلينٽ سيل جي آن لائن پورٽل ذريعي به پنهنجون شڪايتون جمع ڪرائي سگهن ٿا.

سنڌ پوليس جو چوڻ آهي ته عوام کي سهولتن جي فراهمي ۽ بروقت انصاف لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته هر شڪايت تي شفاف ۽ بروقت ڪارروائي ڪئي ويندي۔

پنھنجي راءِ لکو