وائيٽ هائوس ڪوريسپونڊنٽس ڊنر فائرنگ، وزيراعظم شهباز شريف جو ڳڻتي جو اظهار

وائيٽ هائوس ڪوريسپونڊنٽس ڊنر فائرنگ، وزيراعظم شهباز شريف جو ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم شهباز شريف واشنگٽن ۾ وائيٽ هائوس ڪوريسپونڊنٽس ڊنر دوران فائرنگ واري واقعي تي گهري ڳڻتي ۽ صدمي جو اظهار ڪيو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته واشنگٽن ڊي سي ۾ پيش آيل واقعو تشويشناڪ آهي، جڏهن ته اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، خاتون اول ميلانيا ٽرمپ ۽ ٻيا شرڪت ڪندڙ محفوظ آهن.

وزيراعظم چيو ته سندس دعائون ۽ نيڪ تمنائون آمريڪي قيادت سان گڏ آهن ۽ هو سندن سلامتي لاءِ دعاگو آهي.

هوڏانهن صدر مملڪت آصف علي زرداري به واقعي جي سخت مذمت ڪندي ان کي دهشتگردي جي گهنائوني شڪل قرار ڏنو ۽ صدر ٽرمپ ۽ خاتون اول جي محفوظ رهڻ تي اطمينان ظاهر ڪيو۔

پنھنجي راءِ لکو