وائٹ هائوس ڪرِسپونڊنٽس ڊنر ۾ فائرنگ، حملو ڪندڙ گرفتار، ڪو به جاني نقصان ناهي

آمريڪي صدر ڈونلڈ ٹرمپ۽ سندس گهرواريمیلانیاجي موجودگي ۾ ٿيل وائٹ هائوس ڪرِسپونڊنٽس ڊنر دوران هڪ شخص اوچتو اندر گهڙي فائرنگ ڪري ڇڏي، جنهن سبب تقريب ۾ ڀاڄ ڀڳدڙ مچي وئي۔آمريڪي ميڊيا موجب سيڪيورٽي عملدارن فوري ڪارروائي ڪندي حملي ڪندڙ کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو ۽ سڀئي مهمان محفوظ رهيا۔پوليس مطابق گرفتار ٿيل شخص جي سڃاڻپ ڪولي ٿامس ايلن طور ٿي آهي، جنهن جي عمر 30 سال آهي ۽ هو رياست California جو رهواسي آهي۔ واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو