ڪنڌرا ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن جو پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج

ڪنڌرا (ويب ڊيسڪ): ڪنڌرا ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ خلاف ٽيڪسي ڊرائيورن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن دوران شرڪت ڪندڙن حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ فوري طور قيمتن ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪيو.

ٽيڪسي ڊرائيورن جو چوڻ هو ته مهانگائي سبب سندن گذر سفر انتهائي ڏکيو ٿي ويو آهي. هنن چيو ته هاڻي گوشت ۽ مڇي ته پري جي ڳالهه آهي، ٻارن کي دال روٽي کارائڻ به مشڪل ٿي ويو آهي.

مظاهري ڪندڙن موجب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سبب سندن روزگار سخت متاثر ٿيو آهي ۽ هو شديد مالي پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ فوري گهٽتائي ڪئي وڃي ته جيئن کين رليف ملي سگهي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

احتجاج جي اڳواڻي واجد علي، غلام سرور ميتلو، رياض ۽ ٻين ڪئي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ ٽيڪسي ڊرائيور شرڪت ڪئي۔

پنھنجي راءِ لکو