وارھ (ويب ڊيسڪ): وارھ ڀرسان گاجي کهاوڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڳڙهي ماڪوڙو ۾ “ڪارنهن” جي ڪڌي رسم سبب 17 ورهين جي نياڻي نائله ڀٽي کي سندس ئي سڳي ڀاءُ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو۔
تفصيل موجب جوابدار حنيف ڀٽي شڪ جي بنياد تي پنهنجي ڀيڻ تي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب هوءَ سخت زخمي ٿي پئي ۽ ٻن ڪلاڪن تائين زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهندي رهي۔
اکين ڏٺن شاهدن موجب نياڻي رت ۾ لت پت تڙپندي بار بار چوندي رهي ته “مان ڪاري ناهيان، خدا جي واسطي مونکي اسپتال پهچايو”، پر جوابدار کيس اسپتال منتقل ڪرڻ کان به روڪيندو رهيو ۽ ڳوٺ وارن کي بندوق جي زور تي ڊرائيونگ ۽ مدد کان روڪيو۔
مقامي ذريعن مطابق جڏهن ڪجهه ڳوٺاڻن رڪشا ذريعي زخمي نياڻي کي اسپتال کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدار انهن تي به حملو ڪيو ۽ روڪي ڇڏيو۔ بعد ۾ پرائيويٽ ٽيڪسي ذريعي کڻڻ جي ڪوشش به ناڪام بڻائي وئي۔
واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي زخمي نياڻي کي وارھ سول اسپتال منتقل ڪيو، پر گهڻي رت وهڻ ۽ دير سبب هوءَ اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي دم ڏئي ويٺي۔
واقعي بعد علائقي ۾ سخت سوڳ ۽ خوف جي فضا ڇانيل آهي، جڏهن ته سماجي تنظيمن ۽ شهرين واقعي جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته جوابدار کي فوري گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿين۔
