پاڪستان ۾ پيٽرول 400 رپيا في ليٽر کان وڌڻ جو خدشو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ۽ قيمت 400 رپيا في ليٽر جي تاريخي سطح کان وڌي سگهي ٿي۔
تفصيل موجب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي اگهن ۾ غير معمولي واڌ کان پوءِ ملڪي سطح تي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان وڌي ويو آهي۔
عالمي انگن اکرن موجب برينٽ ڪروڊ 111.22 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويو، جڏهن ته آمريڪي خام تيل 100.03 ڊالر في بيرل جي سطح عبور ڪري ويو آهي۔
ماهرن موجب وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تلخي ۽ امن ڳالهين ۾ تعطل سبب عالمي مارڪيٽ ۾ بي يقيني پيدا ٿي آهي، جنهن جا اثر پاڪستان تي به پئجي سگهن ٿا۔
ذريعن موجب موجوده رجحان برقرار رهيو ته پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 400 رپيا في ليٽر کان وڌڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مئي جي پهرين ڏهاڪي ۾ مهانگائي جي نئين جهٽڪي جو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي۔
معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊيزل جي اگهه ۾ متوقع واڌ سان ٽرانسپورٽ، زراعت ۽ سپلاءِ چين به متاثر ٿي سگهي ٿي، جنهن سان خوراڪ سميت ٻين شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ ٿي سگهي ٿي۔

پنھنجي راءِ لکو