حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ سگريٽ، پان ۽ نسوار تي مڪمل پابندي

پشاور جي حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ انساني صحت لاءِ نقصانڪار شين جي استعمال ۽ وڪري تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي۔ اسپتال انتظاميا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اسپتال جي حدن اندر سگريٽ، پان، نسوار ۽ ٻين نشي آور شين جو استعمال سختي سان منع قرار ڏنو ويو آهي۔نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اسپتال جي ڪينٽينن ۽ دڪانن تي به تمباڪو جون شيون وڪڻڻ تي پابندي هوندي، جڏهن ته ويـلو (نڪوٽين پاؤچز) سميت هر قسم جي نشي آور شين تي پابندي لاڳو هوندي۔انتظاميا خبردار ڪيو آهي ته ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ڪينٽين جو ٺيڪو منسوخ ڪيو ويندو ۽ دڪان سيل ڪيو ويندو۔ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي ۽ فيسليٽي مئنيجمينٽ کي گڏيل نگراني جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسپتال ڊائريڪٽر کي باقاعده مانيٽرنگ رپورٽون پيش ڪرڻيون پونديون۔

پنھنجي راءِ لکو