ڪراچي: گلستانِ جوهر جي شيشا ڪيفي ۾ فائرنگ، هڪ ڄڻو فوت

ڪراچي جي علائقي گلستانِ جوهر بلاڪ 3 ۾ واقع هڪ شيشا ڪيفي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو۔ پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ نجيب نالي سان ٿي آهي۔روعاتي جاچ موجب ڪجهه ماڻهو نشي جي حالت ۾ ڪيفي ۾ داخل ٿيا ۽ عورتن لاءِ مخصوص حصي ۾ ويهڻ جي ڪوشش ڪئي۔ ڪيفي انتظاميا پاران روڪڻ تي اهي ماڻهو ڪاوڙجي پيا ۽ سيڪيورٽي گارڊ سان جهيڙو شروع ڪيو۔پوليس جو چوڻ آهي ته تڪرار دوران سيڪيورٽي گارڊ کان مبينا طور گولي هلجي وئي، جيڪا نجيب نالي شخص کي لڳي ۽ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو۔واقعي کان پوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي ڪيفي مينيجر ۽ سيڪيورٽي گارڊ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو