اسلام آباد ۾ International Monetary Fund ۽ پاڪستان وچ ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۽ نئين قرض پروگرام بابت باقاعده ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن۔
ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن چيف Eva Petrova جي اڳواڻي ۾ وفد وزارت خزانه پهتو، جتي تعارفي اجلاس کان پوءِ باضابطه ڳالهين جي شروعات ڪئي وئي۔
وفاقي وزير خزانه Muhammad Aurangzeb پنهنجي معاشي ٽيم سان گڏ آءِ ايم ايف وفد سان ملاقات ڪئي۔ اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر Jameel Ahmad، چيئرمين ايف بي آر، سيڪريٽري خزانه امداد الله بوسال ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا۔ذريعن موجب ڳالهين دوران ٽيڪس هدفن، سرڪاري خرچن، توانائي شعبي جي سڌارن، سبسڊيز ۽ نون مالي قدمن بابت تفصيلي صلاح مشورا ڪيا ويندا، جڏهن ته ايندڙ وفاقي بجيٽ آءِ ايم ايف جي سفارشن جي روشني ۾ تيار ڪئي ويندي۔
