ايندڙ مهيني پيش ٿيڻ واري مالي سال 2026-27 جي وفاقي بجيٽ لاءِ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (FPCCI) وزارت خزانه کي پنهنجون تجويزون موڪلي ڇڏيون آهن۔
تجويزن ۾ سڀ کان اهم مطالبو تنخواھ دار طبقي تي انڪم ٽيڪس ۾ 5 سيڪڙو گهٽتائي آهي، جڏهن ته مجموعي ٽيڪس شرح 36 سيڪڙو مان گهٽائي 30 سيڪڙو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي۔ ان کان علاوه 9 سيڪڙو سرچارج ختم ڪرڻ ۽ نان ٽيڪس سليب کي 6 لک مان وڌائي 12 لک رپيا ڪرڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي۔
FPCCI سپر ٽيڪس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اهو سيڙپڪاري ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي۔ برآمدات وڌائڻ لاءِ فائنل ٽيڪس ريجم (FTR) بحال ڪرڻ ۽ آءِ ٽي شعبي تي 25 سيڪڙو ايڪسپورٽ ٽيڪس کي 2035 تائين برقرار رکڻ جي سفارش پڻ ڪئي وئي آهي۔
تجويزن ۾ SMEs جي ٽرن اوور حد 250 ملين مان وڌائي 500 ملين ڪرڻ ۽ مينوفيڪچرنگ شعبي لاءِ انڪم ٽيڪس شرح 29 سيڪڙو مان گهٽائي 20 سيڪڙو ڪرڻ شامل آهي۔
FPCCI جي صدر عاطف اڪرام چيو آهي ته مناسب ڊگهي مدي واري پاليسي سان آءِ ٽي ايڪسپورٽس کي 3.8 ارب ڊالر مان وڌائي 10 ارب ڊالر تائين آڻي سگهجي ٿو۔ هن چيو ته حڪومت ۽ واپاري برادري گڏجي ملڪ کي معاشي چئلينجن مان ڪڍي سگهن ٿا۔
