گلگت بلتستان چونڊون: ق ليگ پاران 11 اميدوارن کي ٽڪيٽ جاري

گلگت بلتستان ۾ ٿيندڙ چونڊن لاءِ پاڪستان مسلم ليگ (ق) 11 حلقن مان پنهنجا اميدوار نامزد ڪري ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن۔

پارٽي موجب جي بي اي 1 گلگت مان دل فراز خان، جي بي اي 2 مان عاصم خان ۽ جي بي اي 3 مان محمد شريف کي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي۔ اهڙي طرح جي بي اي 5 نگر مان عابد حسين ۽ جي بي اي 6 هنزہ مان خاتون اميدوار خوشنور ديدار کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي۔

جي بي اي 8 اسڪردو مان محمد سکندر، جي بي اي 12 شگر مان مهدي خان، جي بي اي 14 استور مان غضنفر اڪرم ۽ جي بي اي 15 ديامر مان نورالحق ق ليگ جا اميدوار هوندا۔

جي بي اي 19 غذر ون مان شير عالم، جي بي اي 20 غذر ٽو مان بختاور شاهه، جي بي اي 21 غذر ٿري مان تاجور حسين ۽ جي بي اي 24 گانچھي مان شيخ الطاف کي نامزد ڪيو ويو آهي۔

پارلياماني بورڊ جي چيئرمين چوڌري سالڪ حسين جي منظوري کان پوءِ ٽڪيٽ جاري ڪيا ويا۔ هن چيو ته مسلم ليگ (ق) گلگت بلتستان ۾ عوامي خدمت جي جذبي سان چونڊ ميدان ۾ لهي رهي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو