اسلام آباد ۾ نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽروي پوليس جانورن جي ٽرانسپورٽ لاءِ استعمال ٿيندڙ گاڏين ۾ مسافر ويهارڻ خلاف ڊرائيورن کي سخت وارننگ جاري ڪئي آهي۔نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽروي پوليس موجب جانورن وارين گاڏين ذريعي ماڻهن جي آمدرفت نه رڳو ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي آهي پر انساني جانين لاءِ پڻ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿي۔موٽروي پوليس مال بردار گاڏين جي ڊرائيورن کي هدايت ڪئي آهي ته هو جانورن جي ٽرانسپورٽ لاءِ متبادل رستا اختيار ڪن ۽ ڪنهن به قسم جي اوور لوڊنگ يا غير قانوني سواري کان پاسو ڪن۔حڪام موجب ٽريفڪ ۽ لوڊنگ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڊرائيورن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي۔ اين ايڇ ايم پي شهرين ۽ ڊرائيورن کي احتياطي قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي آهي ته جيئن شاهراهن تي حادثن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي۔
