ڪراچي ۾ تيز رفتار ڊمپر پوليس وين مٿان چڙهي ويو، 2 اهلڪار فوت

ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيز رفتار ڊمپر جاني نقصان جو سبب بڻيو، هن ڀيري حادثي جو شڪار پوليس وين بڻي جنهن ۾ سوار 2 اهلڪار فوت ٿي ويا۔ريسڪيو اختيارين موجب حادثو سپر هاءِ وي تي گڏاپ ٽائون ڀرسان پيش آيو، جتي حيدرآباد کان ڪراچي ايندڙ تيز رفتار ڊمپر روڊ ڪناري بيٺل پوليس وين کي چيڀاٽي ڇڏيو۔اختيارين موجب پوليس وين مڪمل طور تباهه ٿي وئي ۽ وڏي ڪوشش بعد اهلڪارن جا لاش ڪڍيا ويا۔ ڊاڪٽر عبدالخالق موجب ڊمپر ڊرائيور کي حراست ۾ ورتو ويو آهي جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي۔ٻئي طرف وندر ڀرسان پنجگور کان ڪراچي ويندڙ هڪ مسافر ڪوچ ۾ باهه لڳي وئي۔ اختيارين موجب ڪوچ ۾ موجود ايراني پيٽرول کي باهه لڳڻ سبب گاڏي مڪمل سڙي خاڪ ٿي وئي، جڏهن ته ڪو به جاني نقصان نه ٿيو۔هوڏانهن شهدادپور ۾ هڪ ٻئي حادثي دوران بي قابو مني ٽرڪ ريلوي ڦاٽڪ ٽوڙي ٽرين سان ٽڪرائجي ويو۔ پوليس موجب پاڪ بزنس ٽرين ڪراچي کان لاهور وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ ٽرڪ ڊرائيور فوت ٿي ويو۔ حادثي بعد ٽرڪ کي باهه لڳي وئي ۽ ملبو ريلوي ٽريڪ تي پکڙجي ويو، جڏهن ته فوت ٿيل ڊرائيور جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو