پاڪستان ۾ سون ۽ چاندي جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي

عالمي مارڪيٽ سان گڏ پاڪستان ۾ به سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔

صرافه ايسوسيئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 68 ڊالر گهٽجڻ بعد 4480 ڊالر تي اچي ويو، جنهن جا اثر پاڪستاني مارڪيٽ تي به پيا آهن۔

اربع ڏينهن پاڪستان ۾ في توله سون جي قيمت ۾ 6 هزار 800 رپيا گهٽتائي ٿي، جنهن بعد هڪ توله سون 4 لک 70 هزار 362 رپين جو ٿي ويو۔ جڏهن ته 10 گرام سون جي قيمت 5 هزار 830 رپيا گهٽجڻ بعد 4 لک 3 هزار 259 رپيا ٿي وئي۔

ساڳئي ريت چاندي جي اگهه ۾ به گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جتي في توله چاندي 125 رپيا سستي ٿيڻ بعد 7 هزار 974 رپين تي پهچي وئي۔

ماهرن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن جي لاٿ چڙهاءُ، ڊالر جي صورتحال ۽ سيڙپڪارن جي رجحانن جو سڌو اثر مقامي مارڪيٽ تي پوي ٿو۔ سون کي روايتي طور محفوظ سيڙپڪاري سمجهيو ويندو آهي، خاص طور تي معاشي يا سياسي غيريقيني صورتحال دوران۔

واضح رهي ته گذريل سال پاڪستان ۾ سون جي قيمت مقرر ڪرڻ جي طريقيڪار ۾ تبديلي ڪئي وئي هئي، جنهن تحت مقامي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت عالمي ريٽ کان 20 ڊالر في اونس وڌيڪ مقرر ڪئي ويندي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو