ڪراچي: 11 ايس ايچ اوز ڊي نوٽيفاءِ، ڪيترن ئي ٿاڻن جا آفيسر عهدن تان هٽايا ويا

ڪراچي پوليس ۾ وڏي انتظامي ڪارروائي ڪندي 11 ايس ايچ اوز کي ڊي نوٽيفاءِ ڪيو ويو آهي، جن ۾ سائيٽ اي، گارڊن، گلشن معمار ۽ گڊاپ ٿاڻن جا آفيسر پڻ شامل آهن۔

تفصيلن موجب مختلف انڪوائرين کي منهن ڏيندڙ پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪندي کين عارضي طور ايس ايچ او جي عهدن تان هٽايو ويو آهي۔

نوٽيفڪيشن موجب جاچ مڪمل ٿيڻ تائين انهن آفيسرن کي ايس ايچ اوز جي پول مان خارج رکيو ويندو۔ ڪارروائي هيٺ آرٽلري ميدان، بلال ڪالوني، نارٿ ناظم آباد، ڊفينس، سائيٽ اي، گارڊن، گلشن معمار ۽ گڊاپ ٿاڻن جي ايس ايچ اوز کي به عهدن تان هٽايو ويو آهي، جڏهن ته عورت ٿاڻي جي ايس ايچ او کي پڻ ڊي نوٽيفاءِ ڪيو ويو آهي۔

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته انهن آفيسرن خلاف مختلف نوعيت جون انڪوائريون جاري آهن، تنهن ڪري جاچ مڪمل ٿيڻ تائين کين ذميوارين کان الڳ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔

ذريعن موجب اها ڪارروائي ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم اوڍو جي هدايتن تي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لاڳاپيل آفيسرن خلاف کاتيوار جاچ جاري رهندي۔

پنھنجي راءِ لکو