ساھيوال ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ٻن مختلف هنڌن تي انٽيليجنس بنياد تي ڪارروايون ڪندي ڪالعدم تنظيم سان واسطو رکندڙ ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو۔
سي ٽي ڊي موجب پهرين ڪارروائي فيصل آباد روڊ تي ڪئي وئي، جتي ٽي ٽي پي (فتنه الخوارج) سان لاڳاپيل دهشتگرد مومين احمد کي گرفتار ڪيو ويو۔ جوابدار جو تعلق خيبر ضلعي جي باڙا علائقي سان ٻڌايو پيو وڃي۔
گرفتار دهشتگرد وٽان 2 ڪلو بارودي مواد، ڊيٽونيٽر، پرائما ڪارڊز ۽ بيٽري اليڪٽرڪ سرڪٽ هٿ ڪيو ويو، جنهن کي بم ڊسپوزل عملي ناڪارا بڻائي ڇڏيو۔ٻي ڪارروائي غربي باءِ پاس ڀرسان ڪئي وئي، جتي هڪ ٻيو دهشتگرد فرمان علي گرفتار ڪيو ويو۔ اختيارين موجب جوابدار شهرين کي گمراهه ڪري ڪالعدم تنظيم ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آماده ڪري رهيو هو۔
ي ٽي ڊي موجب جوابدار وٽان نفرت انگيز بينر، ڪتاب، لٽريچر، روڪ رقم ۽ ميموري ڪارڊ پڻ هٿ ڪيا ويا آهن۔
حڪام جو چوڻ آهي ته ٻنهي گرفتار دهشتگردن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي۔
