مڪو مڪرمہ ۾ سعودي ريلوي ڪمپني سعودي ريلوي ڪمپني (سار) المشاعر المقدسہ ميٽرو منصوبي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، جيڪو حج سيزن دوران حاجين کي محفوظ ۽ ڀروسي جوڳيون سفري سهولتون فراهم ڪندو۔
سعودي خابرو اداري موجب هن منصوبي مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٽرانسپورٽ جو سڄو نظام حاجين جي خدمت لاءِ مڪمل طور تي تيار ۽ سرگرم آهي۔رپورٽن موجب سعودي ريلوي سيڪيورٽي ادارن ۽ ٻين لاڳاپيل ايجنسين سان گڏجي سڀ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن۔ حج دوران بهتر ڪارڪردگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٽن فرضي مشقن جو به اهتمام ڪيو ويو، جن ۾ وڏي رش واري صورتحال کي نظر ۾ رکي ٽرينن، ڪنٽرول سسٽم ۽ اسٽيشنن کي جاچيو ويو۔
اختيارين موجب المشاعر المقدسہ ميٽرو منصوبو پنج مختلف آپريشنل مرحلن تحت هلندو، جن جو مقصد حاجين جي مقدس هنڌن وچ ۾ اچ وڃ کي آسان بڻائڻ آهي۔ميٽرو نيٽ ورڪ جا 9 اسٽيشن ميدان عرفات، مزدلفہ ۽ منيٰ سميت مختلف مشاعر مقدسہ ۾ قائم ڪيا ويا آهن ته جيئن حاجين کي بهتر سفري سهولتون فراهم ڪري سگهجن۔
