اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي گهٽتائي کانپوءِ گڊز ٽرانسپورٽرن به عوام کي رليف ڏيندي ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔
گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي اڳواڻ ملڪ شهزاد اعواڻ چيو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ گڊز ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 6 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي پئي وڃي۔
هن وزيراعظم شهباز شريف جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ساراهه جوڳو آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ به وڌيڪ گهٽتائي ڪئي ويندي۔
ملڪ شهزاد اعواڻ موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان نه رڳو ٽرانسپورٽرن پر هر پاڪستاني کي فائدو پهچندو۔ هن چيو ته تازين جنگي حالتن سبب درآمدات ۽ برآمدات ۾ وڏي گهٽتائي آئي آهي، جنهن ڪري ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿيون آهن۔
هن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته موجوده حالتن ۾ گڊز ٽرانسپورٽرن کي وڌيڪ رليف فراهم ڪيو وڃي ته جيئن ٽرانسپورٽ شعبي کي درپيش مشڪلاتون گهٽجي سگهن۔
ٻئي طرف پاڪستان مني مزدا گڊز ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن پڻ ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪندي وزيراعظم جي فيصلي کي عوام دوست قرار ڏنو آهي۔
ٽرانسپورٽرن جو چوڻ آهي ته ڀاڙن ۾ گهٽتائي سان روزمره جي استعمال وارين شين جي ترسيل خرچن ۾ به گهٽتائي ايندي ۽ عوام کي وڌيڪ رليف ملندو۔
