ڪراچي: جناح اسپتال ۾ عورت جي ويم واري معاملي تي تڪرار، وارثن ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام لڳائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۾ عورت جي ويم واري معاملي تي تڪرار سامهون آيو آهي، جتي وارثن ڊاڪٽرن تي مبينا غفلت جو الزام لڳايو آهي۔

متاثر خاندان موجب عورت کي ويم لاءِ اسپتال آندو ويو، پر ڊاڪٽرن چار ڪلاڪ انتظار ڪرڻ لاءِ چيو۔ وارثن جو چوڻ آهي ته هو بار بار چيڪ اپ جي درخواست ڪندا رهيا، پر ڪنهن به توجهه نه ڏني وئي، جنهن سبب عورت سخت تڪليف ۾ واش روم ۾ ٻار کي جنم ڏنو۔

ٻئي طرف اسپتال انتظاميه انهن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ٻار جي پيدائش واش روم ۾ نه، پر ليبر روم ۾ ٿي آهي۔ انتظاميه موجب عورت رات 2 لڳي 50 منٽن تي هڪ صحتمند ٻار کي جنم ڏنو۔

اسپتال انتظاميه جو چوڻ آهي ته مريضه کي پي ايڇ آءِ اسپتال مان منتقل ڪيو ويو هو، جتي کان اچڻ بعد گائني ايمرجنسي ۾ سندس فوري طبي معائنو ڪيو ويو ۽ طبي جائزي کان پوءِ نارمل ويم جو فيصلو ڪيو ويو۔

انتظاميه موجب مريضه جا پليٽليٽس گهٽ هئا ۽ جگر جا ٽيسٽ به غيرمعمولي هئا، جنهن ڪري کيس هاءِ رسڪ مريض قرار ڏنو ويو۔ کيس 16 يونٽ رت ۽ ايف ايف پي فراهم ڪئي وئي ۽ وڌيڪ نگراني لاءِ آبزرويشن ۾ رکيو ويو۔

اسپتال انتظاميه وڌيڪ چيو ته بعد ۾ وارث ڊاڪٽرن جي صلاح جي ابتڙ مريضه کي اسپتال مان پاڻ سان وٺي ويا۔

واقعي کان پوءِ معاملي جي شفاف جاچ ۽ حقيقتون سامهون آڻڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو