اسلام آباد: وفاقي ۽ صوبائي بجيٽون جون مهيني ۾ پيش ٿينديون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): ايندڙ مالي سال 2026-27 جو وفاقي بجيٽ 5 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو، جنهن کان پوءِ سمورا صوبا به پنهنجا بجيٽ پيش ڪندا.

پنجاب بجيٽ جون تفصيلون

ذرائع موجب پنجاب حڪومت به ايندڙ مالي سال جو بجيٽ تيار ڪري ورتو آهي، جيڪو جون جي ٻئي هفتي ۾ پيش ٿيڻ جو امڪان آهي.

پنجاب جو ناڻو وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان بجيٽ پيش ڪندو.

اهم نڪتا:
پنجاب بجيٽ جو مجموعي حجم لڳ ڀڳ 6 هزار ارب رپيا ٿيڻ جو امڪان
نئون ٽيڪس لاڳو نه ڪرڻ جي تجويز
سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ وفاق جي برابر واڌ
ترقياتي منصوبن لاءِ 1600 ارب رپيا رکڻ جي تجويز
تعليم، صحت، روڊن، صفائي، زراعت ۽ امن امان کي ترجيح
هارين، شاگردن ۽ مزدورن لاءِ سبسڊي جاري رکڻ جي تجويز
ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۽ سروسز ٽيڪس ۾ جزوي تبديلي جي تجويز

ذرائع موجب پنجاب کي اين ايف سي ايوارڊ تحت ساڍا 4 ٽريلين رپين کان وڌيڪ رقم ملڻ جو امڪان آهي۔

ماهرن جو چوڻ آهي ته نئين بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن ۽ عوامي سهولتن کي خاص ترجيح ڏني ويندي۔

پنھنجي راءِ لکو