اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پاڪستان جي بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف انڪشاف ڪيو آهي ته سندس فون ڪرڻ باوجود ليسڪو عملي خراب ٽرانسفارمر جي مرمت لاءِ 80 هزار رپيا وصول ڪيا ۽ ڪا رسيد به جاري نه ڪئي.
خواجه آصف سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته سندس گهريلو ملازم جي ڳوٺ ۾ ٽرانسفارمر سڙي ويو هو، جنهن بعد هن ليسڪو جي اڳوڻي سي اي او سان رابطو ڪري مرمت لاءِ چيو.
هن ٻڌايو ته ليسڪو عملي ٽرانسفارمر ته ٺيڪ ڪري ڇڏيو، پر ڳوٺاڻن کان چندو گڏ ڪرائي 80 هزار رپيا به ورتا.
وزير دفاع موجب رقم وصول ڪرڻ باوجود عملي ڪا رسيد نه ڏني، جنهن تي هن سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
خواجه آصف چيو ته جڏهن هڪ اڳوڻي بجلي واري وزير ۽ موجوده وفاقي ڪابينا جي ميمبر جي سفارش باوجود اهڙي صورتحال پيش اچي سگهي ٿي ته عام واهپيدارن سان ڇا ٿيندو، ان جو آساني سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته رقم باقاعدي طور ادا ڪئي وئي، پر ليسڪو طرفان رسيد ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو، جنهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي.
